پير، اصحابي محمد اسماعيل

پير، اصحابي محمد اسماعيل: ڀريا شهر کان ٻه ڪلوميٽر اوڀر طرف، ڳوٺ جلباڻيءَ کان لڳ ڀڳ هڪ ڪلوميٽر اتر - اوڀر ۾ درگاهه پير اصحابي محمد اسماعيل مشهور آهي. اُن بابت روايت آهي ته پير اسماعيل نبي اڪرم صلعم جو اصحابي هو. مزار مبارڪ جي مٿان هڪ ڪشادو صفو ۽ چوگرد پڪو ڪٽهڙو تعمير ٿيل آهي. ڏکڻ ۾ هڪ ننڍي مسجد ۽ زائرين لاءِ مسجد ڀرسان لانڍي به ٺهيل آهي. درگاهه جي هيٺان اڳئين پاسي کان ڍورو آهي، جنهن ۾ هر وقت سم جو پاڻي بيٺو رهي ٿو. سال 1960ع ڌاري مائي راسل گوپانگ هن درگاهه جو ڦريو ڦوڪارو ڪندي هئي، جنهن کي ’درگاهه جي فقيرياڻي‘ سڏيو ويندو هو. گذريل ڪجهه سالن کان غلام مصطفيٰ خاصخيلي عرف بگن فقير درگاهه تي باقاعدي رهائش اختيار ڪري، خدمت سرانجام ڏيئي رهيو آهي. درگاهه شريف تي هر مهيني 14 تاريخ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو